تو قدمن تان قربان ٿيان اي سنڌ امان اي سنڏ امن
تو پير پٺي تان گھور ونجان اي سنڏ امان اي سنڏ امان
تو ٻڏ ڏرم جا ٻار ڌٺا
تو ڏاهر جا ڏهڪار ڏٺا
تو پنهجن جا هت پار ڏٺا
تو ڏارين جا ڌڌڪار ڏٺا
مان پيار مان تنهنجا پير چمان اي سنڏ امان او سنڏ امان
جناب صدر: هن سون ورني سنڌ جي سڪافت ايتري ته پراڻي آهي
جيتري هئ ڌرتي. ڇو جو پنج هزار سال اڳ جي ڳولهي لڌل شهر مان اسان کي سڪافتي سبوط
مليا آهن. 5هزار سال اڳ به سڪافت جا رنگ ڀريل هوندا هئا. پنج هزار سال اڳ به سنڌ ۾
سڪافتن جي سگھند ايندي هئي. 5 هزار سال اڳ بھ سنڌي ماڻهو سٻاجھڙا ۽ سلڇڻا هئا. 5
هزار سال اڳ به سنڏي ماڻهون مهذب ۽ ومدبر هئا. 5 هزار سال اڳ به سنڌي ماڻهون معزز
۽ معتبر هئا. 5 هزار سال اڳ به سنڌي ماڻهون مهان ۽ مهمانواز هئا. ڇو ته هن ڌرتي
هميشه حلالي پٽن کي جنم ڏنو آهي. جن هنرچي جي هل هونگاريو تنبوري جي تار چوري گيت
جا جمالا ڳايا. ڪن قلندر بڻجي ڌمالون هنيون ڪي ڀٽائي جا وائي بڻجي ويا. ڪي سچائي
جا سپوت ٿيا. ڪن ڪپت ۽ ڪوڙ کي ڪوري ڪڍيو. ڪن هوشو بڻجي دشمنن کي دسيو ڪي دودا بنجي
ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪرڻ لڳا.ڪن جي فن ۽ فڪرن ڏاهپن ۽ عاديشن کي سڃاڻڻ لاء سنڌ جي
سرحدن کي اورانگھي وڃي ريس آور کي منور ڪيو. ڇا ڪاڻ ڇا ڪاڻ سنڌ امله موتي جي مالا
آهي. سنڌ سيگارن جو سانهو آهي. سنڌ سسئي جي سورن جو سهارو آهي. سنڌ مايوس ماروي جو
ملڪ آهي.
جناب صدر: هن متبرڪ ڏينهن تي سڄي سنڌ هڪ جاءَ تي گڌجي
ڪري دوستي ۽ ٻڌي جو سبوت ڏئي ٿي. اسان جي ميڊيا به سقافتي انگن ۾ رنگجي ونجي ٿي.
هر هيڊ لائن ۾ سڪافتي سازن جا سر ولرن ٿا. منهنجي سنڌ جي
ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جا اهي خوبصورت منظر سڪافتي لباس ۾ هميشه وڙهيل آهن. سرسبز ٻنين جي
وچ ۾ ڪچا گھر انهن جي اگن ۾ کٽن تي پيل ٽڪ جون خوبصورت رلهيون ٻائي ولوڙڻ جا آواز
مال جي ڳچين جي ٽلي جي موسيقي سان گڏوگڏ انهئ جي مٽي بيخود ڪندڙ خوشبو عورتون ٻني
تي تن تنها پاڻي وهڻ ونڃڻ ۽ سريلا ٽهڪ فضا ۾ ٽرڪندا هئا.. پر افسوس پر افسوس جو اڄ
اهي سمورا خوبصورت منظر سڪل گل جي پنکڙي وانگر وکيريل آهن سنڌ جي سينڌ قتل ٿي رهي
آهي.هتي دردن ۾ ڪيئي دل ڀريون دفن ٿيل آهن. رواجن جي رت ۾ رهزني ڀريل آهي عصر جون
انتظارون مئل آهن قرب جو ڪائناتون ڪٺل آهن ڪهر جا قات اڃان اڀا آهن.
اگر اسانجي دنيا جو سنگين زمانو اڃان دوزخن جي دڳن تي
پيل آهي. سچ سختين جو نشانو بڻيل آهي. ان اداسين جي احساسن کي ڏسوهتي خواهشن جي
حياء ۾ انا جا اڻکٽ خنجر اڃاتائين گٺل آهن پاڻي جي پنڌ ۾ ٻيڙي جون ٻانهون ڏسو ڏسو
ڏسو.
ااجرڪ ۾ سنڌي نگاهون ڏسو هو ڏسو شاهراه بندر جي شامن جي
سرخ موسم جو ماتم ساڳيو سنڌ جي تاريخ رت سان لکيل آهي. ڀلي تاريخن جا پنا پڙهي
ڏسو. توکي لال لهو تي لاش نظر نٿا اچن ڀلي تون اخبارن جا پنا پڙهي ڏس ڀلي تون ٻيا
به ورق ورائي ڏس. سنڌ بخن ۽ ڏکن جو ديس بڻيل آهي. ڀلي تون غريبن جي گوندي ڏس تو
اناج جي اڻهاٽ نظر نٿي اچي روز رستن تي لڳل پارن کي ڏس توکي مفلسي جا پار نظر نٿا
اچن.
هن ديس جي پوپٽن جي اڳيا، ڪنڌ ڪهڙو کڻون هام ڪهڙي هڻون
هنن کي ڏسي جيء جھڳندو رهيو، ڪيڏا پياسا ٿا ڀٽڪن اهي
پتڪڙا
گلن جي مٺاسن کا
محرومڙا، اوٻارڙا رهيا. ٿر جي ماڻهن جيان
تن معصومڙن کي ڪيون ب ته ڇا، ڏک آوڻيون ٿوهر ڇا ڪندا
ڪين آڇون انهن کي آهڙ جي ساڙيا، اگھاڙا اگھاڙا هو ڪاڏي
ويا.
ڪو تن کي ٻڌائي ڇڏي ماجرا، ته اسان وٽ نه ايندا ڪيو
پتڪڙا
اسان وٽ ته
سانوڻ ٻه سدين کان، ٿو صور جا سالاري ڦلا
ڪو به مڳرريون ن ها ڪو به موتيو نه آ
هي بستي ت ورحين کان ويران آ، مدتن کا هتي مد مات آ
پتڪڙا پوپٽو ڪين دل ۾ نه ڪجو اسان جا ٻئي باغ ڀيلائن
پيا.
ساري فلوار فرجي اسانکا وئي
سارا ڦول وڪامجي ويا. اسان خود بهارن لاءِ ڀٽڪون پيا.
No comments:
Post a Comment