links

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

Monday, 1 May 2017

Organization of life chapter 2 notes (updated)


 باب ٻيون

زندگيءَ جي تنظيم
(Organization of life)
سوال: جيوگھرڙو ڇاکي ڇئبوآهي.

جواب: جيوگھرڙو زندگي جو  بناوت جي لحاظ کان بنيادي ايڪو آهي. سڀ  جاندار جيوگھرڙي جا ٺهيل آهن.  جهڙي طرح علم ڪيميا ۾ ائٽم مادي جو  بنيادي جزو آهي.

سوال:  جيوگھرڙي جو نظريو ڪنهن ڪنهن  ڏنو. ۽ ان تي ڪنهن ڪنهن تحقيق ڪئي ؟
جواب: جاندارن جي جيوگھرڙن تي مختلف حياتيات  جي ماهرن تحقيق ڪئي آهي.
جيو گھرڙي کي جاچڻ لاءِ   سڀ کان پهرين خوردبيني ايجاد ڪئي وئي. جيڪا گيليلو 1610 ع  ۾ ايجاد ڪئي
ان کان بعد ۾ رابرٽ هڪ شاه بلوط جو ڇوڏو کڻي خوردبيني جي هيٺيان چڪاس ڪئي ان ۾ هن سنها سنها  سوراخ يا فانا يا ماکي جي ماناري وانگر جسم ڏسڻ ڏٺا. جنهن کي جيوگھرڙي جو نالو ڏنو. ان کان بعد ۾ ٻوٽي جي چوڏي کي تيزاب ۾ جانچ ڪئي ته ان ۾ به جيوگھرڙو نظر آيو.
1831 ع ۾   رابرٽ برائون  جيوگھرڙي جو مرڪز ڳولي لڍو
1838 ع ۾ جرمني جي ِحِياتياتي  ماھر ٻوٽن جو جيوگھرڙو دريافت ڪيو
1839 ع ۾ جرمني جي حياتياتدان شيوان نالي ٻوٽن جي جيوگھرڙي جي ڀت ڳولهي.
جيوگھرڙي جي نظرئي جا خاص نقطا ھيٺ ڏجن ٿا.
1: سڀئي جاندار هڪ يا هڪ کان وڌيڪ جيوگھرڙن جا ٺهيل آهن.
:  بناوت جي لحاظ کان جيوگھرڙو هڪ ننڍي ۾ ننڍي بنيادي ايڪو آهي.2
3: نوان جيوگھرڙا جيوگھرڙن جي ورهاست سان ئي ٺهن ٿا.
سوال: تجزيي ۽ وڌاء ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

وڌاءُ                                           تجز             
سوال: جيوگھرڙي جا اهم حصا ڪهڙا آهن.
جواب: جيوگھرڙي جا اهم حصا جهڙوڪ جيوگھرڙي جي جھلي ، جيوگھرڙي  جي ڀت ،سائٽوپلازم ، ۽ مرڪز آهن.
سوال: جيوگھرڙي جي ڀت تي مختصر نوٽ لکو؟
جواب: هي ٻوٽن جي جيو گھرڙن، بيڪٽريا ۽ فنجاءِ جي جيوگھرڙن ۾ سڀ کان ٻاهريان بي جان مادي جي ٺهيل هوندي آهي. ءِ ٻوٽي جي جيوگھرڙي جي ڀت سيليلوز ۽ پيڪٽن جي ٺهيل هوندي آهي ۽ فنجاءِ جي ڀت فنجائي سيليولوز ۽ ڪئٽن جي ٺهيل هوندي آهي.
سوال : جيوگھرڙي جي جھلي بيان ڪريو؟
جواب : جيوگھرڙي جي جھلي  جيوگھرڙن ۾ کاڌي ،پاڻي ۽ آڪسيجن کي داخل ڪرڻ ۾ ِمدد ڪري ٿي. ۽ ڪاربان ّڊاءِ آڪسائيڊ ۽ بيڪار مادا نيڪال ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. هيءَ جيوگھرڙي جي حفاظت ڪري ٿي.
سوال : مرڪز تي نوٽ لکو؟
جواب: مرڪز جيوگھرڙي جي سڀني سرگرمين تي ضابطو رکي ٿو. جهڙي طرح سان دماغ  انساني جسم تي ضابطو رکي ٿو. مرڪز صرف يوڪريوٽڪس جيوگھرڙن ۾ موجود هوندا آهن. جانورن جي جيوگھرڙي جي وچ ۾ موجود هوندو آهي. ۽ ٻوٽن جي جيوگھرڙي ۾ وڏي خال هئڻ جي ڪري  جھليءَ جي پاسي ۾ هوندو آهي.
1831 ع ۾ رابرٽ برائون ان کي دريافت ڪيو. مرڪز جاندارن جي پيدائش ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ جيوگھرڙي جي ورهاست ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو آهي .
مرڪز ۾ داڻيدار بناوتن جي لحاظ  سان هڪ مادو ٿئي ٿو.جنهن کي نيو ڪليوپلازم چئبو آهي.جنهن ۾ سنها سنها ڌاڳيدار شڪل هوندي آهي جنهن کي ڪروميٽن نيٽ ورڪ چئبو آهي. جيڪي ڊي اين اي ۽ پروٽين جا ٺهيل هوندا آهن.  جيوگھرڙي جي ورهاست وقت ڪروموزوس جي شڪل اختيار ڪندا آهن. ڊي اين اي مروثي خاصيتن سان گڏوگڏ جيوگھرڙي جي عملن تي ڪنٽرول ڪرڻ جو اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. هڪ ئي جنس سان تعلق رکندڙ جاندارن جي جيوگھرڙي ۾ ڪروموسوم جو تعداد هميشه مستقل رهي ٿو.
 سوال :  سائٽو پلازم ڇا آهي ۽ ان جا ڪهڙا حصا آهن.
جواب: هيءَ هڪ شفاف بي رنگ ۽ پاڻياٺدار مادو آهي. جيڪو جيوگھرڙي  جي جھلي ۽ مرڪز جي جھلي جي وچ ۾ موجود هوندو آهي. ڪيميائي طور تي سائٽو پلازم ۾ %90 پاڻي موجود هوندو آهي.۽ هن ۾ سائٽوسول ۽ داڻيدار عضوا ٿين.سائٽوپلازم جا هيٺيان حصا ٿين ٿا.
1 اينڊوپلازمڪ ريٽيڪيول
2 گولجي ڪميليڪس
3 مائٽو ڪونڊريا
4 پلاسٽڊس
5 سينٽريولس
6 رائبوزومس
7 خال وئڪيولس
سوال: اينڊو پلازمڪ ريٽوڪيليم جي بناوت بيان ڪريو؟
جواب: هيءِ هڪ ڄاريدار بناوت ٿئي ٿي. جيڪو جيوگھرڙي جو سائٽو پلازم ۾ موجود ٿئي ٿو. هن جا ٻه قسم ٿين ٿا.
1 داڻيدار يا رف اينڊو پلازمڪ ريٽو ڪيليم هن جي مٿاڇري  تي رائبوزومس موجود هوندا آهن.
2 لسو يا سموٿ اينڊوپلازمڪ ريٽي ڪيوليم هن تي رائبوزومس موجود نه هوندا آهن سو اينڊو پلازمڪ ريٽوڪيليم سج جي روشني تي چرٻي  کي ڳاري وٽامن ڊي پيدا ڪري ٿو.
سوال: گولجي باڊيز تي مختصر نوٽ لکو؟
جواب: هيءَ هڪ جھليدار سائٽوپلازم جو عضوو آهي. جيڪو تراکڙي نموني هڪ ٻئي سان چنبڙيل هوندو آهي .هنن کي سڀ کان ڪئميلوگولجي دريافت ڪيو. هن کي گالجي اپريٽس به چئبو آهي.
سوال: مائٽوڪونڊريا جي بناوت تي نوٽ لکو؟
جواب: هي هڪ  اڪثر ڪري شڪل ۾ لٺ يا رانهن جهڙا ٻٽا جھليدار عضوا ٿين ٿا.مائٽو ڪونڊريا ساھ کڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.ڇاڪاڻ ته هنن ۾ انزائيمس موجود هوندا آهن. جيڪي کاڌي جي ماليڪيولن کي ٽوڙي توانائي پيدا ڪندا آهن.توانائئ جا پيدا ڪندڙ آهن تنهنڪري کين جيوگھرڙي جو پاور هائوس سڏيندا آهن.ڪيترائي مائٽوڪونڊريا جيوگھرڙي جي عملن سان واسطو رکن ٿا.
سوال؛ پلاسٽدس ڇا آهن؟
جواب : پلاسٽڊ هڪ رنگدار مادو آهي.جيڪو وڏن ٻوٽن جي جيوگھرڙي ۾ موجود هوندو آهي. جيڪي مختلف قسمن ۽ رنگن جا ٿين ٿا جن جا ٽي قسم ٿين ٿا.
ڪلوروپلاسٽ: هيءَ سائي رنگ جا ٿين ٿا. ۽ ٻوٽن جي پنن ۽ ٻين ساون حصن ۾ موجود هوندا آهن جيڪي روشنائي ترڪيب جي عمل سان نشاستا ٺاهن ٿا.
ڪروموپلاسٽ: هنن ۾ سائي رنگ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به قسم جو رنگ ٿئي ٿو ۽ هي ٻوٽي جي ميووي ، گل ،پنکڙين،۽ ٻوٽي جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ ٿئي ٿو.
ليوڪوپلاسٽ: هي اڇا يا بي رنگ ٿين ٿا ۽ ٻوٽي جي زير زمين حصن جي جيوگھرڙي ۾ ملن ٿا. اهي کاڌي کي نشاستي  جي صورت ۾ محفوظ ڪن ٿا.
سوال : جيوگھرڙي جي ورهاست کولي سمجھايو؟
جواب: اهڙو عمل جنهن سان والدين جيوگھرڙي مان وڌيڪ ٻه ڌيئر جيوگھرڙا پيدا ٿين ته انهن کي جيوگھرڙي ورهاست چئبو آهي.
سوال: جيوگھرڙي جي ورهاست ڪيئن ٿئي ٿي ۽ گھڻن قسمن جي ٿئي ٿي بيان ڪريو؟
جواب: جيوگھرڙي جي نظريي مطابق نوان جيوگھرڙا جيوگھرڙن جي ورهاست سان ٺهندا آهن. جيوگھرڙي جي ورهاست مرڪز کان شروع ٿي ٿئي جنهن کي ڪئريو ڪائينيسس چئبو آهي. جڏهن ته سائٽوپلازم جي ورهاست کي سائٽو ڪائينيسس چئبو آهي. تنهنڪري هڪ جيوگھرڙي جي ورهاست  سان ٻه ڌئير گھرڙا پيدا ٿين ٿا جاندارن جي جيوگھرڙي جي ورهاست جا ٻه مکيه قسم هيٺ ڏجن ٿا.
1 مائٽوسس
2 مياسس
1 مائٽوسس: هن قسم جي ورهاست ۾ هڪ آبائي گھرڙي مان ٻه هڪ جهڙا ڌيئر جيوگھرڙا پيدا ٿين ٿا.اها ورهاست اهڙي طرح ٿئي ٿي جو ڪروموسومس جو تعداد ساڳيو ئي رهي ٿو، جيترو آبائي گھرڙي ۾ هو. انهي جي مرڪز واريءَ ورهاست  کي سولائي خاطر چئن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي. جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
  1 پروفيز
  2 ميٽافيز
 3 ائنافيز
4 ٽيلوفيز
1 پروفيز: هن مرحلي ۾ ڪروميٽن مادو ننڍو ٿيڻ شروع ٿيندو آهي ۽ ڌاڳن وانگر مڙيل نظر ايندو آهين جنهن کي ڪروموسوم چئبو آهي جيڪو ٻن ڪروميٽڊ تي مشتمل هوندو آهي جيڪي پاڻ ۾ سينٽروميئر سان ڳنڍيل هوندا آهن. مرڪزي جھلي آهستي آهستي غائب ٿيڻ شروع ڪندي آهي.۽ مرڪز ختم ٿي ويندو آهي، ۽ سائٽوپلازم هوندو آهي. هر هڪ سينٽريول جيوگھرڙي جي مخالف قطبن ڏانهن هلڻ شروع ڪري ٿو۽ وڪوڙيل ريشا ٺاهي ٿو. ٻوٽي جي جيوگھرڙي ۾ سينٽريولس ڪونه ٿيندا آهن.
2 ميٽا فيز: هن مرحلي دوران ڪروموسومس جيوگھرڙي جي وچ تي جمع ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. ٻٽا ۽ وڪوڙيل ريشن جي شڪل اختيار ڪندا آهن. هر هڪ ڪروموزوم سينٽروميٽروسيلي جدا جدا ڳنڍيل هوندو آهي.
3 ائنافيز : هن مرحلي ۾ سينٽريولس ريشا ٺاهڻ شروع ڪندا آهن، جيڪي ڪروموزومس کي پاڻ ۾ چنبڙئيندا آهن ۽ ڪروموزومس کي مخالف طرف ڏانهن ڌار ڪري پاڻ ڇڪيندا آهن
4 ٽيلوفيز: هن مرحلي ۾ ٽٽل ڪروموزومس پنهنجي مخالفن طرفن  ڏانهن چنبڙيل هوندا آهن ۽ وچ ۾ هڪ خال ٿي ويندو آهي ۽ آخر ۾ مٿان  ڪروموزومس جي شڪل اختيار ڪندا آهن ۽ انهن جي ٻاهران واري مرڪزائي جھلي چوڌاري چڙهڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ انهن ۾ ڪروموزومس جو تعداد ساڳيو رهندو آهي.
2. مياسس:
مياسس جي دوران آبائي گھرڙوچئن ڌيئر گھرڙن ۾ ورهائجي ويندو آهي. هن ورهاست جي دوران هر ڌيئر گھرڙي ۾ ڪروموسوم جو تعداد آبائي گھرڙي جي مقابلي ۾ گھٽجي اڌ جي برابر ٿي ويندو آهي. تنهنڪري هي ڊپلوآئڊ ڪروموسوم هئپلوآئڊ ڪروموسوم ۾ تخفيف جو عمل آهي. جانورن ۾ مياسس دوران انا پيدا ٿيندا آهن ۽ ٻوٽن ۾ اسپورس پيدا ٿيندا آهن.
مياسس جي عمل دوران ٻه ترتيبوار ورهاستون ٿين ٿيو.
(الف) مياسس 1: هن مرحلي کي مياٽڪ ورهاست به چئبو آهي جنهن ۾ تخفيف ٿيندي آهي.
پروفيز1: اهي ڪروموسومس جيڪ شڪل ۽ قدبت ۾ ٺهڪي اچن ٿا تن کي هڪ جهڙا ڪروموسوم چئبو آهي. جيڪي هميشه جوڙن جي شڪل ۾ موجود هوندا آهن.مائٽوسس ۽ مياسس جو فرق اتان کان ئي شروع ٿئي ٿو. مياسس ۾ هڪجهڙا ڪروموسوم گڏ هلي جوڙا ٺاهيندا آهن. ڪروموسوم جي هر هڪ جوڙي ۾ چار ڪروميٽڊ ٿيندا آهن. جڏهن ته ڪروموسوم اڳيئي پاڻ کي ٻيڻو ڪري ڇڏيندو آهي.
 (ب) مياسس 2: ٻي مياٽڪ ورهاست کي برابري ورهاست جو مرحلو چئبو آهي.

ٻي مياٽڪ ورهاست جو تفصيل ب ساڳيو ئي آهي جيڪو مائٽوسس ۾ ڏنو ويو آهي. پروفيز ۾ وڪوڙيل ريشا ٺهن ٿا نيوڪلس جو پردو غائب ٿيڻ شروع ڪري ٿو. ميٽا فيز ۾ ڪروموسومس الڳ الڳ ٿي وڪوڙيل ريشن سان ملي خط استوا تي پنهنجو پاڻ کي گڏ ڪرڻ شروع ڪن ٿا. اينافيز ۾ انهن جا ڪروميٽڊس الڳ ٿي ڪري،مخالف قطبن وٽ پهچي وڃن ٿا ۽ ٽيلوفيز ۾ مرڪزائي جھلي ٻيهرٺھي ٿي۽گهرڙو ٻن ڌيئر گهرڙن ۾ ورهائجي وڃي ٿو.مياسس جي اهڙي عمل ۾ هڪ ڊپلوآئڊ گهرڙي مان آخرڪار چار هيپلوآئڊ گهرڙا وجود ۾ اچن ٿا. اهڙيءَ طرح مياسس جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ وارن گھرڙن ۾ ڪروموسوم جو تعداد هيپلوآئڊ هوندو آهي.
  سوال :مياسس  جي اهميت تي نوٽ لکو؟
جواب: مياسس اهڙو عمل آهي جيڪو هڪ ئي قسم جي ڪروموزومس کي هڪ نسل کان ٻئي  نسل تائين منتقل رکڻ جو ڪم سرانجاڻ ڏئي ٿو. هيليو آيڊ مادي گيمٽس (آنن) سان ڳنڀجڻ وقت ميلاپ ڪري زائگوٽ ٺاهن ٽا. انهن ۾ ڪروموسوم  جوتعداد ڊپلوآئڊ(ٻيڻو) بحال ٿي وڃن ٿا. مياسس جو اهڙو عمل جيڪو هڪ ئي قسم جي فرد يا هڪ ئي ماءُ پيءُ  جي اولاد هڪ ٻئي کان مختلف هجن هي عمل ڪراسنگ اوور جي ڪري ٿيندو آهي.

ٻوٽن جا اوڄا
سوال: ٻوٽن ۾ گھڻن قسمن جا تاندورا ٿين ٿا ۽ انهن جا نالا لکو؟
جواب: ٻوٽن ۾ خاص ٻن قسمن جا تاندورا ٿين ٿا. جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
مير سٽيميٽڪ اوڄا : هي اهي اوڄا آهن جيڪي اهڙن جيوگھرڙن تي مشتمل آهن. جنهن ۾ ورهائجڻ جي خاصيت هوندي آهي، تنهنڪري هي  جيوگھرڙن جي تعداد  ۾ اضافو ڪري واڌ ويجھ جو سبب بڻجندا آهن. جيڪي ٻوٽي جي پاڙن ۽ ٿڙ کي ڊيگھ  ۾ مدد ڏيندا آهن.
2  مستقل يا دائمي اوڄا:  هي به اوڄا اصل ۾ مير سٽيميٽڪ جا ٺهيل آهن سندن شڪل برقرار رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا. مستقل اوڄا يا تاندورن جي ٻن گروهن ۾ درجي بندي ڪئي وئي آهي.
1 سادا اوڄا
2 پيچيدا اوڄا
1 سادا اوڄا: سادن اوڄن کي انهن جي بناوت جي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي پيرنڪائما، ڪولنڪائما ۽   اسيليرنڪائما آهن.
2 پيچيدا اوڄا : پيچيد اوڄا ٻن قسمن جا ٿين ٿا
1 زائلم
2 فلوئيم
1 زائلم : هي ٻوٽي جي پاڙ مان معدينات ،لوڻياٺ پاڻي حاصل ڪري مٿي ٻوٽي تائين پهچائي ٿو.
2 فلوئيم : هن جو ڪم سج جي روشني کي تيار ٿيل کاڌو خوراڪ حاصل ڪري هيٺين حصن تائين پهچائي ٿو.
سوال: ايموبيا تي نوٽ لکو؟
جواب: ايموبيا هڪ جيوگھرڙي وارا جاندار آهن. جيڪي بيٺل پاڻي ،تلائن ،کڏن ۾ رهي ٿو. هن جو قد سراسري 0.25 نينو ميٽر کان وٺي ص10 ميٽر ٿئي ٿو هن جي ڪابه مستقل شڪل نه هوندي آهي. اها هر وقت پنهنجي شڪل تبديل ڪندي رهندي آهي .هن جو جسم سائٽو پلازم ،نيوڪليس ،خال،جھلي ۽ ڪوڙن پيرن مشتمل هوندو آهي. سائٽوپلازم  ٻن حصن تي مشتمل آهي.
ايڪٽوپلازم، اينڊوپلازم
ايڪٽوپلازم: شفاف ۽ صاف حصو آهي. جڏهن اينڊوپلازم ايموبا جو مرڪز سڄي جيوگھرڙي جي سرگرمين تي ضابطو رکي ٿو. نئي نسل جي پيدائش ۾ ڪم اچي ٿو.
کاڌي جا خال جيڪي کاڌي کي گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن  انهن کاڌي جي ذرڙن کي پوءِ کاڌي جي خالن ۾ جمع  ڪيو ويندو آهي.
سوال:سرنهن جي ٻوٽي جي بناوت ۽ ان جا حصا بيان ڪريو؟
جواب: سرنهن جو ٻوٽو گھڻن جيوگھرڙن وارن جاندار آهن. جيڪو تاندورن ۽ عضون تي مشتمل آهي.
هن جو نباتاتي نالو براسيڪا ڪيمپيرسٽ ۽ عام نالو مسٽيرڊ سرنهن جي ٻوٽي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
1 غير جنسي پيدائشي عمل
2  پيدائشي حصا
1 غير پيداشي : هي ٻوٽي جا حصا  آهن. جيڪي پيدائش ۾ حصو نه ٿا وٺن  اهي هي آهن پن،ٿڙ، پاڙ آهن.
1 پاڙ: ٻوٽي جو اهو حصو آهي جيڪا پاڙ ٻج جي ريڊيڪل مان نڪرندو آهي. هي حصو زمين جي اندر  موجود ٿئي ٿو. جيڪا ريڊيڪل حصي مان پاڙ نڪري ته ان کي ابتدائي پاڙ چئبو آهي
پاڙ جي اندرين بناوت :  پاڙ جي اندرين حصي کي ايپيڊرمس چئبو آهي. جيڪا پاڙ جي حفاظت  ڪندو آهي ايپيڊرمس جي هيٺيان ڪارٽيڪس ٿيندو آهي. جيڪو پئرنڪائما جي جيوگھرڙن ما ن ٺهيل هوندو آهي پئرنڪائما جا جيوگھرڙا کاڌي کي گڏ  ڪندا آهن. ڪارٽڪس جي اندر وچ ۾ هڪ مرڪزي اسٽيل يا سلينڊر هوندو آهي اهو اسٽيل زائلم يا فلوئم جو ٺهيل هوندو آهي.
اسٽيل جي ٻاهران  هڪ تھ ٿئي ٿو. جنهن کي اينڊو درمس چئبو آهي  ايندودرمس جي هيٺيان وري هڪ ٻيو تھ ٿيندو آهي جنهن کي پيريڪائيل چئبو آهي. باقي رهيل حصو پيرنڪائما جيوگھرڙن جو ٺهيل آهي.
سوال: پن جي ٻارهين بناوت کولي سمجھايو ۽ پن اهو سمجھايو ته ڦوٽوسينٿيز جو عمل ڪئين ٿئي ٿو؟
جواب: پن جي نڪرڻ واري  جاءِ کي نوڊ  ۽ پن جي ڏانڊي پيٽولس وري پن جي وچ  ۾ ٿلهي رڳ ٿيندي آهي جنهن کي مڊرب چئبو آهي ۽ ٻيون سنهيون نسون هونديون آهن.جيڪي زائلم ۽ فلوئم جون ٺهيل آهن. پن ۾ سنهڙا سوراخ ٿيندا آهن جن کي اسٽوميٽا چئبو آهي جن جي ذريعي گئسن جي مٽاسٽا ٿيندي آهي مٿي ڦهليل سائي رنگ  جي حصي کي ليمينا چئبو آهي. جڏهن ٻوٽي  ۾ فوٽوٿينس جو عمل شروع ٿيندو آهي ته سج جي روشني پن تي پوءِ   ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پاڻ ۾ ميلاپ ڪندا ٻوٽي جي پن ۾ گلوڪوز ٺهندو آهي اهو وري (اسٽارج) جي صورت ۾  فلوئم کڻي ٻوٽي جي هيٺي حصي تائين پهچائيدي آهي.
پن جي اندرين  بناوت پن جي ٻاهرين حصي کي اپيوايپيڊس چئبو آهي ۽ هيٺي تھ کي لوئر ايپيڊرمس چئبو آهي.
جڏهن (فوٽوٿينس) جو عمل ٿيندو آهي ته سج جي روشني ميزوفل تي پوندي آهي ته اتي ڀـــــڱ ڊاھ ٿيدي آهي. اتي گلوڪوز ٺهندو آهي.
سوال: ڏيڏر م ساھ کڻڻ جو سرشتو؟
جواب: اهڙو عمل جنهن سان آڪسيجن جسم ۾ داخل ٿئي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿئي ان عمل کي ساھ کڻڻ جو عمل چئبو آهي. ساھ کڻڻ جو عمل ٻن طريقن سان ٿئي ٿو.
1. گئسن  جي مٽاسٽا جيڪا ڦڦڙن ۾ ٿئي ٿي.
2. جيوگھرڙن جي اندر جنهن ۾ آڪسيجن کاڌي کي ڀڃ ڊاھ ڪري توانائي پيدا ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿئي ٿو.
ڏيڏر ۾ ٽن طريقن سان ساھ  کڻڻ جو عمل ٿئي ٿو.
1 ڦڦڙن جي ذريعي
2 وات يا بڪل ڪيوٽي جي ذريعي
3 چمڙي جي ذريعي



سوال:ڏيڏر ۾ رت جو دورو بيان ڪريو؟
جواب: ڏيڏر ۾ رت جو دورو هيٺين حصن تي مشتمل آهي
1 دل
2 رت جون نسون
3 شريآن
سوال: ڏيڏر جي دل جي بناوت تي  نوٽ لکو؟
جواب:ڏيڏر جي دل کي ٽي خانا ٿيندا آهن
1 ساڄي ڪنوتي
2 کاٻي ڪنوتي
3 وينٽريڪل
1 ساڄي خاني: نسن جي ذريعي پلموڪيٽينئس جي ذريعي هن خاني ۾ داخل ٿئي ٿو.
کاٻو خانو: شريانين جي ذريعي آڪسيجن يا صاف رت دل مان نڪري  سڄي جسم ۾ پهڇي ٿو.
وينٽريڪل: ٻنهي خانن جو رت وينٽيريڪل ۾ داخل ٿئي ٿو.
سوال: ڏيڏر ۾ شريانين جو ڪم ۽ انهن جا قسم بيان ڪريو؟
جواب:شريانيون : هن ۾ ٽي شريانيون هونديون آهن. انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
پلموڪيٽينيس شريان:  خراب رت وينٽريڪل جي ذريعي ڦڦڙن ۾ پهچائي ٿي.     
ڪيروٽڊ شريان: هي شريان صاف رت مٿي جي عضوي اک،ناسون،وات، دماغ وغيره تائين پهچائين ٿيون.
سسٽميٽڪ شريان: هي مٿي ۽ ڦڦڙن کانسواءِ صاف رت باقي جسم جي ٻين عضوون تائين پهچائي ٿي.
          

2 comments: