باب پهريون
جاندار ۽ غير جاندار شيون
سوال1؛ جاندار شيون ڇا کي
چئبو آهي؟
جواب؛ اهي شيون جيڪي چرپر ڪن ٿيون واڌ ويجھ
ڪن ٿيون ساه کڻن ٿيون انهن کي جاندار شيون چئبو آهي.
مثال؛ مينهن،ڪتو،ٻڪري،ڳئون وغيره.
سوال2؛ غير جاندار شيون ڇا کي
چئبو آهي؟
جواب؛ اهي
شيون جيڪي چرپر نٿيون ڪن واڌ ويجھ نٿيون ڪن ساه نٿيون کڻن انهن کي غير جاندار شيون چئبو آهي.
مثال؛ پکو،ميز،ٽيليويزن،ميز وغيره.
سوال3؛ جاندارن کي زنده رهڻ
لاءِ ڪهڙين شين جي ضرورت آهي؟
جواب؛ جاندارن
کي زنده رهڻ لاءِ هوا، پاڻي، کاڌي جي ضرورت آهي.
سوال4؛ جانور واڌ ويجھ ڪيئن ڪن
ٿا؟
جواب؛ جانور
جاندار شيون آهن اهي واڌ ويجھ ڪري سگھندا آهن. مثال؛
ٻار واڌ ويجھ ڪري ماڻهون ٿئي ٿو.
مڇي جو ٻچو وڏو ٿي مڇي ٿئي ٿو.
سوال5؛ جاندارن جون خاصيتون بيان
ڪريو؟
جواب؛ سڀئي
جاندار نسلي واڌ ويجھ جي ڪري پاڻ جھڙا ٻچا ڄڻيندا آهن انهن ٻچن جون خاصيتون والدين جي خاصيتن سان
ملنديون آهن. مثال؛
نيرين اکين وارن والدين جي ٻارن
جون اکيون به نيريون هونديون آهن. ٻوٽن جا گل گلابي رنگ جا
ٿيندا آهن.
سوال6؛
موروثيت ڇا کي چئبوآهي؟
جواب؛ والدين واري خصوصيتن جو سندن ٻارن ۾ منتقل ٿيڻ
واري عمل کي موروثيت چئبوآهي.
سوال7؛
جاندارن جي زندگئ جو چڪر بيان ڪريو؟
جواب؛ سڀئي جاندار جسماني طور وڌندا آهن توڙي اهي انسان
جاندار يا ٻوٽا هجن وڌڻ جي دوران
جانور مختلف تبديلين مان گذرندا آهن وڌڻ جي هنن سڀني مرحلن کي جاندارن جي زندگئ جو چڪر چئبو آهي.
سوال8؛
پوپٽ جي زندگئ جو چڪر بيان ڪريو؟
جواب؛ پوپٽ جي زندگئ جو چڪر چئن مرهلن ۾ مڪمل ٿئي ٿو.
(1)
آنو؛ مادي پوپٽ سون جي تعداد ۾ ٻوٽن جي
پنن تي آنا لاهي ٿي.
(2)
لاروا؛ جنهن کان پوءِ اهي آنا لاروا ۾
تبديل ٿي وڃن ٿا.
(3)
پيوپا؛ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ لاروا وري
پيوپا ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا.
(4)
پوپٽ؛ اهڙي طرح پيوپا وري پوپٽ ۾ تبديل
ٿي وڃي ٿو.اڙي طرح پوپٽ وانگر مکيون ۽ ماڪوڙيون به پهنجي زندگئ جو چڪر
چئن مرحلن ۾ پورو ڪن ٿيون.
سوال9؛
ٻوٽي جي زندگئ جو چڪر بيان ڪريو؟
جواب؛ جڏهن ٻج زمين ۾ پوکجي ٿو ته ان کي مناسب مقدار ۾
پاڻي ڏنو ويندو آهي ته ٻج پاڻي
جذب ڪندو آهي ۽ پوءِ ڦنڊي پوندو آهي ان جي کل نرم ٿي ڦاٽي پوندي ۽ ان مان ٻوٽو پيدا ٿئي ٿو.
No comments:
Post a Comment