با ب پهريون
حيا تيات
جو تعا رف
(Introducing of Biology)
حياتيات ڇا
آهي؟ :سوال
جواب:بيولاجي(حياتيات)
يوناني ٻولي جو لفظ آهي جيڪو ٻن لفظن جو ميلاپ آهي (بائيو) مطلب زندگي (لوگاس)
مطلب ڄاڻ زندگي بابت
هي سائنس جي اها
شاخ آهي جنهن م جاندارن جي مختلف ڪمن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. حياتيات کي مکيه ٻن
شاخن ۾ ورهايو ويو آهي جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو .
)Botany)1:باٽني
(zoology)2:زولاجي
1باٽني هي بائيولاجي جي
اها شاخ آهي جيڪا ٻوٽن جي علم بابت ڃاڻ ڏي ان کي باٽني چئبو آهي
2زولاجي هي بائيولاجي اها
شاّخ آهي جيڪا تمام جانورن بابت ڄاڻ ڏي ان
کي زولاجي چئبو آهي
سوال:قرآن شريف جي تعليم ۾ جانورن ۽ ٻوٽن جو تصور کولي
سمجھايو؟
جواب:الله سائين وسيلي جانورن ءِٻوٽن متعلق تمام گھڻو علم فرمايو آهي.
ڪجھ آيتن سڳورين ۾ فرمايو آهي جن جو ذڪر هيٺ
ڏجي ٿو.
ترجمو: سڀ جيئري
شيءِ کي پاڻي مان پيدا ڪيوسون ءِ پوءِ ڇو نه ايمان آڻيندا آهن
(سورت الانبيا آيت30)
ترجمو: ۽ الله
سائين سڀڪو جاندار پاڻي مان بڻايو آهي ۔ ۽ منجھنس ڪي ٻن پيرن تي هلندا آهن ۽
منجھنس چئن پيرن تي هلندا آهن. الله جيڪي گھرندو آهي سو پيدا ڪندو آهي ڇوته الله سڀ
ڪنهن تي وس وارو آهي
(سورت النور آيت45)
ترجمو:۽ اهو(الله)
آهي جنهن آسمان مان پاڻي وسايو ، پوءِ ان
مان ساوڪ کي ڪڍيو، پوءِ منجھنس (سنگن ۾) گڏيل داڻا ڪڍون ٿا. ۽ کجين جي چپڙين
مان گوشا لڙڪيل ۽ ڊاکن جا باغ ۽ زيتون ۽ ڏاڙهون هڪ ٻئي جهڙا ۽ ڌار ڌار(پيدا ڪيا) ۽ جڏهن ڦرجن ته سندن ڦر ۽
ان جي پچڻ مهل نهاريو . ڇو ته ان ۾ مڃيندڙ ٽولي لاءِ ضروري نشانيون آهن.
قرآن حڪيم ۾ ٻوٽن ۽ جانورن واسطي پاڻي جي اهميت جو ذڪر به ڪافي جاين تي
ٿيل آهي.
ترجمو: جنهن اوهان
لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ توهان لاءِ منجھنس رستا جاري ڪيا ۽ آسمان کان پاڻي
وسايو پوءِ ان هر جنس جا اوڀڙ پاڻون داڻا ڄمايوسون .
(سورت طٰهٰ آيت53)
الله سائين فرمائي ٿو ته ٻوٽن ۽جانورن کي انسانن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آهي. جن جو ذڪر هيٺ ڏجي
ٿو.
ترجمو: ۽ زمين
کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙياسون ۽
منجھس هر شئ اندازي سان ڄمايوسون.
(سورت الحجر آيت
19)
ترجمو: اهو (الله)
پاڪ آهي .جنهن اها شئي جيڪا زمين ڄمائيندي آهي سا ۽ سندن جئين مان ۽
جيڪي (شيون) نه ڄاڻيندا آهن تن مان سڀني جنس کي (جوڙو جوڙو، ڪوڙو ۽ مٺو نر
مادي) پيدا ڪيو.
(سورت يٰس آيت 36)
سوال: علم حياتيات جون
شاخون بيان ڪريو؟
جواب: دنيا ۾ اٽڪل پندره لک مختلف جانورن ۽ ٻوٽن جا قسم موجود آهن. موجوده دور جي حياتيات ن صرف انهن
جاندارن جي سڃاڻپ ۽ درجي بندي تائين محدود آهي
پر اها سندن جسم جي بناوتن متعلق به ڄاڻ ڏئي ٿي .
علم
حياتيات کي ڪيترين ئي شاخن ۾ ورهايو ويو آهي. جن جو ذڪرهيٺ ڏجي ٿو.
1:مارفالاجي: هي علم حياتيات جي اها شاخ آهي.جيڪا جانورن ۽
ٻوٽن بناوتون جون خاصيتون بيان ڪري ٿي.
2:ائناٽامي: هي علم حياتيات جي اها شاخ آهي جيڪا
جاندارن جي اندرئين عضون بابت ڄاڻ ڏئي.
ٻوٽن ۾ هي علم پاڙ ٿڙ ۽ پن وغيره ۽ جوڙ جڪ
متعلق ڄاڻ ڏي .
3:هسٽالاجي: هي علم حياتيات جي اها شاخ آهي جنهن ۾ ٻوٽن ۽
جانورن جي تاندورن بابت خوردبين ذريعي ڄاڻ
ڏئي.
4: سائٽولاجي: هي علم حياتيات جي اها شاخ آهي جيڪا جاندارن
جي جيوگھرڙي ۽ ان جي عضون جي بناوت عمل ۽ جوڙ جڪ بابت ڄاڻ ڏي.
5:فزيولاجي: هي حياتيات جي اها شاخ آهي. جنهن جو تعلق
جاندارن جي مختلف حصن جي ڪم ڪار جي علم سان آهي.
6: ايڪالاجي: هي علم حياتيات جي اها شاخ آهي جيڪا
جاندارن جو هڪٻئي سان غير جاندارن
ماحول سان لاڳاپن متعلق ڄاڻ ڏئي ٿي. هن علم کي ماحولياتي حياتيات به چئبو آهي.
7:ايمبريولاجي: هي حياتيات جي اها شاخ آهي. جيڪا نر ۽ مادئ
جي جنسي ميلاپ جي نتيجي ۾ ٺهندڙ ورا جيڪا نر ۽ مادئ جي جنسي ميلاپ جي نتيجي ۾
ٺهندڙ وراثتي گھرڙي جي ٺهڻ کان وٺي مڪمل جاندار جي ٺهڻ تائين جي علم کي ايمبرولاجي
چئبو آهي.
8:ٽئگزانامي: هي علم حياتيات جي اها شاخ آهي. جيڪا جاندارن
جي لحاظ خاندان ۽ جنس وغيره ۾ ورهاست واري علم کي ٽئگزانامي چئبو آهي.
9: جينيٽڪس: هي علم حياتيات جي اها شاخ آهي جيڪا جاندارن جي موروثي خاصيتين نسل درنسل منتقلي جي
علم کي جينيٽڪس چئبو آهي.
10:پيلنٽالاجي: هي علم حياتيات جي اها شاخ آهي هي
انهن جاندارن جو علم آهي جيڪي اڳوٽي زماني ۾ هيا ۽ هاڻي اهي هاڻ صرف پهاڙن
۾ سندن نشانيون پنڊ پهڻ جي صورت ۾ ظاهر
آهن.
سوال: علم حياتيات جو
سائنس جي مختلف شاخن سان تعلق بابت وضاحت ڪريو؟
جواب: علم حياتيات
جي سائنس جي شاخن سان گھرو تعلق آهي. جنهن ۾ علم فزڪس ، ڪيمسٽري ، رياضي ، سماجي اڀياس
وغيره .انهن مان ڪجھ شاخون هيٺ ڏجن
ٿيون .
1:بائيو فزڪس: هي اها شاخ آهي. جيڪا جاندارن سان گھرو تعلق بابت ڄاڻ ڏي ٿي
.هن جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي مثال طور هڪ ٽيڪنالاجي آهي جنهن جي مدد سان
اوائيلي جاندار يا پنڊپهڻ فزڪس جون ٻيون به ٽيڪنالاجي آهن جنهن سان پڻ بيمارين
بابت جانچ ڪري سگھجي ٿي.
مثال طور:
لئزر،ٽيڪنالاجي،الٽراسائونڊ ۽ ايڪسريز وغيره.
2:بائيوڪيمسٽري: جاندارن جي جسم ۾ ٿيندڙ مختلف ڪيميائي عمل ۽
نوان ٿيندڙ ماليڪيولس جيڪي جسم لاءِ تمام ضروري هوندا آهن. انهن بابت ڄاڻ ڏيندي
آهي.
3:بائيوميٽري: هي رياضي جي اها شاخ آهي.جيڪا پڻ علم حياتيات
سان تعلق رکي ٿي. هن ۾ جاندارن جي ماپ،تناسب، سراسري عمر ۽ ڊيٽا يا مواد استعمال
ڪيو ويندو آهي.
سوال: حياتياتي طريقو
کولي سمجھايو؟
جواب:علم حياتيات
۾ ڪجھ اهڙا حياتياتي مسئلا پيدا ٿين ٿا.
جنهن سان مذهب ڏيڻ لاءِ ڪجھ حياتياتي طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن. انهن مسئلن
لاءِ هيٺين وضاحت ڪئي وئي آهي.
1 مشاهدو ڪنهن به حياتياتي مسئلن تي مشاهدو ڪيو ويندو
آهي ۽ هڪ مناسب معلومات ڪيو ويندو آهي.
مثال طور: مليريا هڪ موت
مار مرِض آهي. جيڪو صدين کان هلندو اچي ٿو.1978 ع ۾ فرانس جي طبيب ليوران مليريا
جي مريض جي رت مان خوردبيني جي زريعي چڪاس ڪيل تمام ننڍڙن جاندارن جي پکڙجڻ جو
نالو پلازموڊيم ڏنو.
2 مفروضو: مختلف اندازن ۽ مشاهدن کانپوء
حياحياتي ماهر هڪ ذهني اندازو يا
سائنسي اندازو يا مفروضوچيو ويندو آهي
مثال طور:بيماري
پلازموڊيم جي ڪري ئي ٿئي ٿي.
3 گھٽائڻ : گھٽائڻ کي مفروضن تي دليلن تي صفائي پيش ڪرڻ
تي آهي. ان کي ڪنهن به تجربي کان سوءِ پيش ڪري
سگھجي
مثال طور:جيڪڏهن
پلازموڊيم ئي مليريا پکيڙي ٿو. ته پوءِ مليريا جي سڀني مريضن ۾ اهو مرِض موجود هئڻ گھرجي، جڏهن
ته سڀني ٻين صحتمند ماڻهن جي رت ۾ اهو موجود نه هو .
4 تجربو: مشاهدو۽ مفروضو
کي ثابت ڪرڻ لاءِ تجربوڪندا آهيون.100 ماڻهون مليريا جي بخار وارن جو رت جي چڪاس ڪرڻ
۽ ۽ 100 صحتندن ماڻهن جي رت جي به چڪاس ڪيا.
5 نتيجو: مشاهدن ۽ مفروضن کي نظر ۾ رکندي نتيجو نڪرندو نه بيمار
ماڻهن جي رت ۾ ٻئي پلا
زموديم هوندا جڏهن ته صحت مند ماڻهن جي رت ۾ نه هوندو.
6 نظريو: نظرئي کي پوري دنيا ۾ تسليم ڪيو وڄي ٿو. ان تي بار بار
تجربا ڪرڻا پوندا آهن. انکانپوءِ نظريو ڏنو ويندو آهي جيڪو پوري دنيا ۾ تسليم
ڪيو ويندو آهي.
سوال: علم حياتيات ۾
مختلف حياتيات جي ماهرن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟
جواب: علم حياتيات
جي تاريخ تمام پراڻي آهي . جنهن ۾ مختلف حياتيادانن پنهنجا پنهنجا مختلف نظريا ڏنا
ڪجھ حياتيات جي ماهرن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1 ارسطو:
هن جولکيل ڪتاب هسٽوريا اينيمليا تمام گھڻو
مشور آهي. هن ۾ هن جانورن جي باري ۾ لکيو.
2 ڪيرولس لينيس: کي وري جانورن جي درجابندي جي حوالي سان
ٻڌايو. جنهن کي درجابندي جو ابو به سڏيو ويندو آهي.هن جانورن کي ٻن گروهن يا ايڪن
۾ ورهايو يعني جينس ۽ قسم يا جنسون ۽ ٻوٽن جي مختلف 5000 قسمن جو ذڪر ڪيو آهي .
جنهن کي کيس وري علم نباتيات جو باني سڏيو يا سمجھيو ويندو آهي .
3 عبدالمالڪ اصمعي: هن جانورن تي مختلف ڪتاب لکيا. جن ۾ الخيل،
الابل، الوحوش، الشاه، خلق الانسان جي نالي مشور ڪتاب لکيا.جن ۾ هن گھوڙن ،اٺن،
رڍن، جھنگلي، جانورن ۽ انسانن جي جوڙجڪ ۽
ڪم ڪرڻ جي طريقي ڪار متعلق معلومات بيان ڪئي آهي.
سوال : ريڊي جا تجربا
کولي سمجھايو؟
جواب : ريڊي جو پهريو هڪ ڊٻي ۾ موئل نانگ رکيا. ته ڪجھ مکيون گڏ ٿي ويون . ٽن ڏينهن ۾ انهن جي جسم ۾ ڪينئيا پئجي ويا. اٽڪل
18 ڏينهن ۾ ڪيئنان پوپا ۾ تبديل ٿي ويا. 8 ڏينهن کانپوءِ
هر هڪ پيوپا مان هڪ ننڍي مک ٺهي پئي
.آخرڪار ساڳئي قسم جي مکين جو وجود ظاهر
ٿيو.
2 تجربو:
هن دفعي ريڊي 8 بوتلون رکيون ۽ انهن ۾ مئل
مڇيون ۽ نانگ وڌا. انهن مان 4 ڍڪي ڇڏيائين ۽ 4 کولي
ڇڏيائين. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ڏٺائين ته
کليل بوتلن ۾ ڪئيان پئجي ويا، جڏهن ته بند بولن ۾ ڪئيان پيدا ڪون ٿيا.
مطلب ته زندگي ،زندگيءَ مان ئي وجود ۾ اچي ٿي
woori casino bonus codes 2021 | CryptocoreTrader
ReplyDeleteFree Spins & Cashback Bonus Codes 바카라 그림 패턴 2021 - Woori Casino Bonus codes for 온라인 라이브 카지노 2021, and Woori 실시간 카지노 사이트 Casino Bonus 우리 카지노 주소 Codes cryptocoretrader.com for December 2021.
مڪمل
ReplyDeleteHaه
ReplyDelete