links

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

Tuesday, 15 October 2019

Chapter 3 biodiversity


سوال:درجه بندي ڇا آهي انجي اهميت تي نوٽ لکو؟

مختلف خاصيتن جي بنياد تي مختلف جاندارن کي مختلف گروپن ۾ رکڻ واري عمل کي درجه بندي چئبو آهي. درجه بندي کي تئڪسانامي جو علم چئبو آهي. جنهن جو مطلب تئڪساس معنيٰ ترتيب نامس معنيٰ قانون. تنهن ڪري تئڪسانامي جو تعلق جاندارن جي قانوني ترتيب سان آهي
جاندارن جي درجه بندي لاءِ ڪيترائي طريڪا استعمال ڪيا ويندا آهن ، سندن هڪجهڙيون بناوتون طبعي خاصيتون ، ڪيميائي مادا، هڪجهڙي سيليولر بناوٽ ، سائٽولاجيڪل بناوتون ۽ جينياتي جوڙجڪ جيڪي اليڪٽرڪ خوردبينئ سان جاچيون وينديون آهن.

سوال: درجه بندي جا ڪهڙا ايڪا آهن.

جواب:جاندارن کي هيٺين ايڪن جي صورت ۾ درجه بندي ڪئي ويندي آهي.
اسپشيز
هي اهڙن جاندارن جو گروپ آهي جن جون طبعي خاصيتون هڪ جهڙيون هونديون آهن ويجھڙائي ۾ ملندڙ جلندڙ اسپشيز کي گڌائي جنرا ۾ رکيو ويو آهي.هڪجهڙن جنرا کي فيمليز ۾ رکيو ويو آهي فيمليز کي ملائي آرڊرس ۾ رکيو ويو آهي آرڊرس کي ملائي ڪلاسز ۾ رکيو ويو آهي ڪلاسز کي ملئي فائلا يا ڊويزن ۾ رکيو ويو آهي ان کانپوءِ فائلا مان ڪنگڊمس ٺاهيا ويا آهن فائلا ۽ ڪلاسن جي وچ وارن جاندارن کي سب فائلم ۾ رکيو ويندو آهي.

No comments:

Post a Comment