links

Drop Down MenusCSS Drop Down MenuPure CSS Dropdown Menu

Monday, 1 May 2017

Cell as basic unit of the life


سوال : جيوگھرڙي جي جھلي بيان ڪريو؟
جواب : جيوگھرڙي جي جھلي  جيوگھرڙن ۾ کاڌي ،پاڻي ۽ آڪسيجن کي داخل ڪرڻ ۾ ِمدد ڪري ٿي. ۽ ڪاربان ّڊاءِ آڪسائيڊ ۽ بيڪار مادا نيڪال ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. هيءَ جيوگھرڙي جي حفاظت ڪري ٿي.
سوال : مرڪز تي نوٽ لکو؟
جواب: مرڪز جيوگھرڙي جي سڀني سرگرمين تي ضابطو رکي ٿو. جهڙي طرح سان دماغ  ٿيو. ۽ جئين جسم ۾ سڀني عضون تي ضابطو رکي ٿو.
مرڪز صرف يوڪريوٽڪس جيوگھرڙن ۾ موجود هوندا آهن. جانورن جي جيوگھرڙي جي وچ ۾ موجود هوندو آهي. ۽ ٻوٽن ۾ وڏي هئڻ جي ڪري  جھليءَ جي پاسي ۾ هوندو آهي.
1831 ع ۾ رابرٽ برائون ان کي دريافت ڪيو. مرڪز جاندارن جي پيدائش ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ جيوگھرڙي جي ورهاست ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو آهي .
مرڪز ۾ داڻيدار بناوتن جي لحاظ  سان هڪ مادو ٿئي ٿو.جنهن کي نيو ڪليوپلازم چئبو آهي.جنهن ۾ سنها سنها ڌاڳيدار شڪل جا جيڪي
 ۽ پروٽين جا ٺهيل هوندا آهن.  جيوگھرڙي جي ورهاست وقت  DNA
ڪروموزوس جي شڪل اختيار ڪندا آهن.
 سوال :  سائٽو پلازم ڇا آهي ۽ ان جا ڪهڙا حصا آهن.
جواب: هيءَ هڪ شفاف بي رنگ ۽ پاڻياٺ رارو مادو آهي. جيڪو جيوگھرڙي جھلي ۽ مرڪز جي جھلي جي وچ ۾ موجود هوندو آهي. ڪيميائي طور تي سائٽو پلازم ۾ %90 پاڻي موجود هوندو آهي.۽ هن جي حصي کي سائٽوسول ۽ داڻيدار عضوا ٿين.سائٽوپلازم جا هيٺيان حصا ٿين ٿا.
1 اينڊوپلازمڪ ريٽيڪيول
2 گولجي ڪميليڪس
3 مائٽو ڪونڊريا
4 پلاسٽڊس
5 سينريولس
6 رئبوزومس
7 خال اوئڪيولس
سوال: اينڊو پلازمڪ ريٽوڪيليم جي بناوت بيان ڪريو؟
: هيءِ هڪ ڄاريدار بناوت ٿئي ٿي. جيڪو جيوگھرڙي جو سائٽو پلازم ۾
موجود ٿئي ٿو. هن جا ٻه قسم ٿين ٿا.
1 داڻيدار يا رف اينڊو پلازمڪ ريٽو ڪيليم هب جي مٿاڇري  تي رائبوزومس موجود هوندا آهن.
2 لسو يا سموٿ اينڊوپلازمڪ ريٽي ڪيوليم هن تي رائبوزومس
موجود نه هوندو آهي سو اينڊو پلازمڪ ريٽوڪيليم سج جي روشني کي چرٻي  کي ڳاري وٽامن ڊي پيدا ڪري ٿو.
گولجي باڊيز تي مختصر نوٽ لکو؟
جواب: هيءَ هڪ جھليدار سائٽوپلازم جو عضوو آهي. جيڪو طريتري پيدا ڪرڻ ۽ ڪچي مال مان پڪو ڪري تيار ڪري جيوگھرڙي جي استعمال جي فايل بڻائي ٿو.هنن کي سڀ کان ڪئميلوگولجي دريافت ڪيو.
سوال: مائٽوڪونڊريا جي بناوت تي نوٽ لکو؟
جواب: هي هڪ  اڪثر ڪري شڪل ۾ لٺ يا رانهن جهڙا ٻٽا جھليدار عضوا ٿين ٿا.مائٽو ڪونڊريا ساھ کڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.ڇاڪاڻ ته هنن ۾ انزئميس موجود هوندا آهن. جيڪي کاڌي جي ماليڪيولن کي ٽوڙي تونائي پيدا ڪندا آهن.تونايئ جا پيدا ڪندڙ آهن تنهنڪري کين جيوگھرڙي جو پاور هائوس سڏيندا آهن.ڪيترائي مائٽوڪونڊريا جيوگھرڙي جي عملن سان واسطو رکن ٿا.جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
پلاسٽدس: هيءَ هڪ رنگدار مادو آهي.جيڪو وڏن ٻوٽن جي جيوگھرڙي ۾ موجود هوندو آهي. جيڪي مختلف قسمن ۽ رنگن جا ٿين ٿا جن جا ٽي حصا ٿين ٿا.
ڪلوروپلاسٽ: هيءَ سائي رنگ جا ٿين ٿا. ۽ ٻوٽن جي پنن ۽ ٻين ساون حصن ۾ موجود هوندا آهن جيڪي روشنائي ترڪيب جي عمل سان نشاستا ٺاهن ٿا.
ڪروموپلاسٽ: هنن ۾ سائي رنگ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به قسم جو رنگ ٿئي ٿو ۽ هي ٻوٽي جي ميووي ، گل ،پنکڙين،۽ ٻوٽي جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ ٿئي ٿو.
ليوڪوپلاسٽ: هي اڇا يا بي رنگ ٿين ٿا ۽ ٻوٽي جي زير زمين حصن جي جيوگھرڙي ۾ ملن ٿا. اهي کاڌي کي نشاستي  جي صورت ۾ محفوظ ڪن ٿا.
سوال : جيوگھرڙي جي ورهاست کولي سمجھايو؟
جواب: اهڙو عمل جنهن سان والدين جيوگھرڙي مان وڌيڪ ٻه ڌيئر جيوگھرڙا پيدا ٿيا ته انهن کي جيوگھرڙي ورهاست چئبو آهي.
سوال: جيوگھرڙي جي ورهاست ڪيئن ٿئي ٿي ۽ گھڻن قسمن جي ٿئي ٿي بيان ڪريو؟
جواب: جيوگھرڙي جي ورهاست مرڪز کان شروع ٿي ٿئي جنهن کي ڪئريو ڪائينيسس چئبو آهي. جڏهن ته سائٽوپلازم جي ورهاست کي سائٽو ڪائينيسس چئبو آهي. تنهنڪري هڪ جيوگھرڙي جي ورهاست  سان ٻه ڌئير گھرڙا پيدا ٿين ٿا جاندارن جي ورهاست جا ٻه مکيه قسم هيٺ ڏجن ٿا.
1 مائٽوسس
2 مياسس
1 مائٽوسس: هن قسم جي ورهاست ۾ هڪ آبائي گھرڙي مان ٻه هڪ جهڙا ڌيئر جيوگھرڙا پيدا ٿين ٿا.اها ورهاست اهڙي طرح ٿئي ٿي جو ڪروموسومس جو تعداد داڳيو ئي رهي ٿو، جيترو آبائي گھرڙي ۾ هو. انهي جي مرڪز واريءَ ورهاست  کي سولائي خاطر چئن ورهايو آهن. جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
  1 پروفيز
  2 ميٽافيز
 3 ائنافيز
4 ٽيلوفيز
1 پروفيز: هن مرحلي ۾ مرڪز جي جھلي آهستي آهستي غائب ٿيڻ شروع ڪندي آهي. ڪروميٽن مٽيريل مادا ڪرموزومس جي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪندا  آهن. ۽ ٻٽا ٻيڻا ٿيندا آهن مرڪز ختم ٿي ويندو آهي، ۽ سائٽوپلازم هوندو آهي. هر هڪ سينٽريول جيوگھرڙي جي مخالف قطبن ڏانهن هلڻ شروع ڪري ٿو۽ وڪوڙيل ريشا ٺاهي ٿو. ٻوٽي جي جيوگھرڙي ۾ سينٽريولس ڪونه ٿيندا آهن.
2 ميٽا فيز: هن مرحلي دوران هڪ ڪروموسومس جيوگھرڙي جي وچ تي پاڻ کي جمع ڪرڻ شروع ٿيندا آهن. ٻٽا ۽ وڪوڙيل ريشن هر هڪ ڪروموزوم پنهنجي سينٽروميٽروسيلي جدا جدا ڳنڍيل هوندو آهي.
3 ائنافيز : هن مرحلي ۾ سينٽريولس ريشا ٺاهڻ شروع ڪندا آهن، جيڪي ڪروموزومس کي پاڻ ۾ چنبڙئيندا آهن ۽ ڪروموزومس کي مخالف طرف ڏانهن ڌار ڪري پاڻ ڇڪيندا آهن
4 ٽيلوفيز: هن مرحلي ۾ ٽٽل ڪروموزومس پنهنجي مخالفن طرفن  ڏانهن چنبڙيل هوندا آهن ۽ وچ ۾ هڪ خال ٿي ويندو آهي ۽ آخر ۾ مٿان  ڪروموزومس مٽريل جي شڪل اختيار ڪندا آهن ۽ انهن جي ٻاهران واري مرڪزائي جھلي چوڌاري چڙهڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ انهن ۾ ڪروموزومس جو تعداد ساڳيو رهندو آهي.
  سوال :مياسس  جي اهميت تي نوٽ لکو؟
جواب: مياسس اهڙو عمل آهي جيڪو هڪ ئي قسم جي ڪروموزومس کي هڪ نسل کان ٻئي  نسل تائين منتقل رکڻ جو ڪم سرانجاڻ ڏئي ٿو. مياسس جو اهڙو عمل جيڪو هڪ ئي قسم جي فرد يا هڪ ئي ماءُ پيءُ  جي اولاد هڪ ٻئي کان مختلف هجن هي عمل ڪراسنگ اوور جي ڪري ٿيندو آهي.
اوڄا ٻوٽن جا
سوال: ٻوٽن ۾ گھڻن قسمن جا تاندورا ٿين ٿا ۽ انهن جا نالا لکو؟
جواب: ٻوٽن ۾ خاص ٻن قسمن جا تاندورا ٿين ٿا. جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
1 مير سٽيميٽڪ اوڄا : هي اهي اوڄا آهن جيڪي اهڙن جيوگھرڙن تي مشتمل    آهن. جنهن ۾ ورهائجڻ جي خاصيت هوندي آهي، تنهنڪري هي  جيوگھرڙن جي تعداد  ۾ اضافو ڪري واڌ ويجھ جو سبب بڻجندا آهن. جيڪي ٻوٽي جي پاڙن ۽ ٿڙ کي ڊيگھ  ۾ مدد ڏيندا آهن.
2  مستقل يا دائمي اوڄا:  هي به اوڄا اصل ۾ مير سٽيميٽڪ جا ٺهيل آهن سندن شڪل برقرار رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا. قستقل اوڄا يا تاندورن جي ٻن گروهن ۾ درجي بندي ڪئي وئي آهي.
1 سادا اوڄا
2 پيچيدا اوڄا
1 سادا اوڄا: سادن اوڄن کي انهن جي بناوت جي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي پيرنڪائما، ڪولنڪائما ۽ اسيليرنڪائما آهن.
2 پيچيدا اوڄا : پيچيدان اوڄا ٻن قسمن جا ٿين ٿا
1 زائلم
2 فلوئيم
1 زائلم : هي ٻوٽي جي پاڙ مان معدينات ،لوڻياٺ پاڻي حاصل ڪري مٿي ٻوٽي تائين پهچائي ٿو.
2 فلوئيم : هن جو ڪم سج جي روشني کي تيار ٿيل کاڌو خوراڪ حاصل ڪري هيٺين حصن تائين پهچائي ٿو.
سوال: ايموبيا تي نوٽ لکو؟
جواب: ايموبيا هڪ جيوگھرڙي وارا جاندار آهن. جيڪي بيٺل پاڻي ،تلائن ،کڏن  ۾ رهي ٿو. هن جو قد سراسري 0.25 نينو ميٽر کان وٺي ص10 ميٽر ٿئي ٿو هن جي ڪابه مستقل شڪل نه هوندي آهي. اها هر وقت پنهنجي شڪل تبديل ڪندي رهندي آهي .هن جو جسم سائٽو پلازم ،نيوڪليس ،خال،جھلي ۽ ڪوڙن پيرن مشتمل هوندو آهي. سائٽوپلازم  ٻن حصن تي مشتمل آهي.
ايڪٽوپلازم، اينڊوپلازم
ايڪٽوپلازم: شفاف ۽ صاف حصو آهي. جڏهن اينڊوپلازم ايموبا جو مرڪز سڄي جيوگھرڙي جي سرگرمين تي ضابطو رکي ٿو. نئي نسل جي پيدائش ۾ ڪم اچي ٿو.
کاڌي جا خال جيڪي کاڌي کي گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن  انهن کاڌي جي ذرڙن کي پوءِ کاڌي جي خالن ۾ جمع  ڪيو ويندو آهي.
سوال:سرنهن جي ٻوٽي جي بناوت ۽ ان جا حصا بيان ڪريو؟
جواب: سرنهن جو ٻوٽو گھڻن جيوگھرڙن وارن جاندار آهن. جيڪو تاندورن ۽ عضون تي مشتمل آهي.
هن جو نباتاتي نالو براسيڪا ڪيمپيرسٽ ۽ عام نالو مسٽيرڊ سرنهن جي ٻوٽي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
1 غير جنسي پيدائشي عمل
2  پيدائشي حصا
1 غير پيداشي : هي ٻوٽي جا حصا  آهن. جيڪي پيدائش ۾ حصو نه ٿا وٺن  اهي هي آهن پن،ٿڙ، پاڙ آهن.
1 پاڙ: ٻوٽي جو اهو حصو آهي جيڪا پاڙ ٻج جي ريڊيڪل مان نڪرندو آهي. هي حصو زمين جي اندر  موجود ٿئي ٿو. جيڪا ريڊيڪل حصي مان پاڙ نڪري ته ان کي ابتدائي پاڙ چئبو آهي
پاڙ جي اندرين بناوت :  پاڙ جي اندرين حصي کي ايپيڊرمس چئبو آهي. جيڪا پاڙ جي حفاظت  ڪندو آهي ايپيڊرمس جي هيٺيان ڪارٽيڪس ٿيندو آهي. جيڪو پئرنڪائما جي جيوگھرڙن ما ن ٺهيل هوندو آهي پئرنڪائما جا جيوگھرڙا کاڌي کي گڏ  ڪندا آهن. ڪارٽڪس جي اندر وچ ۾ هڪ مرڪزي اسٽيل يا سلينڊر هوندو آهي اهو اسٽيل زائلم يا فلوئم جو ٺهيل هوندو آهي.
اسٽيل جي ٻاهران  هڪ تھ ٿئي ٿو. جنهن کي اينڊو درمس چئبو آهي  ايندودرمس جي هيٺيان وري هڪ ٻيو تھ ٿيندو آهي جنهن کي پيريڪائيل چئبو آهي. باقي رهيل حصو پيرنڪائما جيوگھرڙن جو ٺهيل آهي.
سوال: پن جي ٻارهين بناوت کولي سمجھايو ۽ پن اهو سمجھايو ته ڦوٽوسينٿيز جو عمل ڪئين ٿئي ٿو؟
جواب: پن جي نڪرڻ واري  جاءِ کي نوڊ  ۽ پن جي ڏانڊي پيٽولس وري پن جي وچ  ۾ ٿلهي رڳ ٿيندي آهي جنهن کي مڊرب چئبو آهي ۽ ٻيون سنهيون نسون هونديون آهن.جيڪي زائلم ۽ فلوئم جون ٺهيل آهن. پن ۾ سنهڙا سوراخ ٿيندا آهن جن کي اسٽوميٽا چئبو آهي جن جي ذريعي گئسن جي مٽاسٽا ٿيندي آهي مٿي ڦهليل سائي رنگ  جي حصي کي ليمينا چئبو آهي. جڏهن ٻوٽي  ۾ فوٽوٿينس جو عمل شروع ٿيندو آهي ته سج جي روشني پن تي پوءِ  ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پاڻ ۾ ميلاپ ڪندا ٻوٽي جي پن ۾ گلوڪوز ٺهندو آهي اهو وري (اسٽارج) جي صورت ۾  فلوئم کڻي ٻوٽي جي هيٺي حصي تائين پهچائيدي آهي.
پن جي اندرين  بناوت پن جي ٻاهرين حصي کي اپيوايپيڊس چئبو آهي ۽ هيٺي تھ کي لوئر ايپيڊرمس چئبو آهي.
جڏهن (فوٽوٿينس) جو عمل ٿيندو آهي ته سج جي روشني ميزوفل تي پوندي آهي ته اتي ڀـــــڱ ڊاھ ٿيدي آهي. اتي گلوڪوز ٺهندو آهي.
سوال: ڏيڏر م ساھ کڻڻ جو سرشتو؟
جواب: اهڙو عمل جنهن سان آڪسيجن جسم ۾ داخل ٿئي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿئي ان عمل کي ساھ کڻڻ جو عمل ساھ کڻڻ جو عمل ٻن طريقن سان ٿئي ٿو.
گئسن  جي مٽاسٽا جيڪا ڦڦڙن ۾ ٿئي ٿي. جيوگھرڙن جي اندر جنهن ۾ آڪسيجن کاڌي کي ڀڃ ڊاھ ڪري توانائي پيدا ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿئي ٿو.
ڏيڏر ۾ ٽن طريقن سان ساھ  کڻڻ جو عمل ٿئي ٿو.
1 ڦڦڙن جي ذريعي
2 وات يا بڪل ڪيوٽي جي ذريعي
3 چمڙي جي ذريعي
رت جو دورو هيٺين حصن تي مشتمل آهن؟
1 دل
2 رت جون نسون
1 شريآن 2 نسن 3 سنهيون وار وانگر
سوال: ڏيڏر جي دل جي بناوت تي  نوٽ لکو؟
جواب:ڏيڏر جي دل کي ٽي خانا ٿيندا آهن
1 ساڄي ڪنوتي
2 کاٻي ڪنوتي
3 وينٽريڪل
1 ساڄي خاني: نسن جي ذريعي سانس وينيريبس جي ذريعي هن خاني ۾ داخل ٿئي ٿو.
کاٻو خانو: شريانين جي ذريعي آڪسيجن يا صاف رت دل مان نڪري  سڄي جسم ۾ پهڇي ٿو.
وينٽريڪل: ٻنهي خانن جو رت وينٽيريڪل ۾ داخل ٿئي ٿو.
شريانيون : هن ۾ ٽي شريانيون هونديون آهن. انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
ڦڦڙن جي شريان: خراب رت وينٽريڪل مان کڻي ڦڦڙن ۾ پهچي ٿي.     
ڪيروٽڊ شريان: هي شريان صاف رت مٿي جي عضوي اک،ناسون،وات، دماغ تائين پهچائي ٿو.

سسٽميٽڪ شريان: هي مٿي ۽ ڦڦڙن کانسواءِ صاف رت باقي جسم جي ٻين عضون تائين پهچائي ٿي.

No comments:

Post a Comment